اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ناليواري مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل بنگلاديش خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٽئين سينچري ٺاهي ورتي. ڪالهه راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻن ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي ناليواري بيٽسمين سعود شڪيل پهرين اننگز ۾ بنگلاديشي بالرز کي خوب ڌوئيندي وڪيٽ ڪيپر، بيٽسمين محمد رضوان سان گڏجي نه رڳو پنج وڪيٽن تي 240 جي رنسن جي حصيداري قائم ڪئي پر پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٽئين سينچري اسڪور ڪندي پنهنجي ٽيم جي ميچ ۾ پوزيشن مستحڪم بڻائي ڇڏي. سعود شڪيل 261 بالن کي منهن ڏيندي 9 خوبصورت چوڪن جي مدد سان انفرادي طور 141 رنسون ٺاهيون. اها سعود شڪيل جي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٽئين سينچري آهي. سعود شڪيل کي 141هن جي انفرادي اسڪور مهدي حسن مراز لٽن داس هٿان ڪيچ آئوٽ ڪيو.