ٽرينيڊاڊ- 22 آگسٽ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ جمعو 23 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروباٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم اڄڪلهه ويسٽ انڊيز ۾ آهي جتي هو پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ مهمان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 1-0 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ کٽڻ هارائڻ جي فيصلي کانسواءِ ختم ٿي وئي جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ پروٽينز ميزبان ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 40 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پروٽيز ٽيم 3 ٽي 20 عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينڊاڊ پهچي وئي آهي. جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي 20 عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جمعو 23 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروباٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 24 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 27 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٽئي ٽي 20 ميچون برائن لارا اسٽيڊيم ۾ ئي کيڏيون وينديون.