راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي. بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي آيل آهي، جيڪا پنهنجي دوري دوران ميزبان گرين شرٽس سان ٻن ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان جي ٽيم جي اڳواڻي شان مسعود ڪندو جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم نجم الحسن شانٽو جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ بيان ڏنا آهن ۽ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ مقابلي واري راند ڏسڻ لاءِ ملندي. پي سي بي موجب عامر جمال جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت فٽنيس سان مشروط ڪئي وئي هئي پر هو مڪمل طور تي فٽ ناهي. کيس لاهور جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ پنهنجي فٽنيس تي ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.