مانچيسٽر- 20 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ اربع کان ايمريٽس اولڊ ٽريفوڊ، مانچيسٽر ۾ شروع ٿيندي . سريلنڪا جي ٽيم هن وقت انگلينڊ جي دوري تي آئي اها پنهنجي دوري دوران انگلينڊ جي ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي . انگلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيم کي قيادت بين اسٽوڪس جي غير موجودگي ۾ مشهور بيٽسمين اولي پوپ ڪندو، جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم آل رائونڊر ڌنن جايا ڊي سلوا جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي . ان کان اڳ انگلينڊ لائنز ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل چار ڏينهن جي پريڪٽس ميچ ۾ انگلينڊ لائنز سريلنڪا جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 29 آگسٽ، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 سيپٽمبر تائين اوول ، لنڊن ۾ کيڏي ويندي.