سعودي پرڏيهي وزير سان آمريڪي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، سوڊان، يمن ۽ غزه معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-19 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سعودي پريس ايجنسي مُوجب اڳواڻن غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي ڪوششن، سوڊان ۽ يمن سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ اسرائيل پهتو آهي جنهن …

رياض-19 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سعودي پريس ايجنسي مُوجب اڳواڻن غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي ڪوششن، سوڊان ۽ يمن سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ اسرائيل پهتو آهي جنهن جو مقصد غزه ۾ جنگ بندي معاهدي لاءِ ڌرين تي سفارتي دٻاءَ وڌائڻ آهي.