گڏيل قومون – 9 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس 2024ع جي مينز جيولين ٿرو مقابلي ۾ 92.97 ميٽر جي شاندار ٿرو سان گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. منير اڪرم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اها ارشد نديم جي شاندار ڪارڪردگي آهي. ٻئي پاسي سڄي آمريڪا ۾ ترسيل پاڪستانين ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي کي ٽيليويزن تي ڏٺو ۽ سندس ڪاميابي تي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون. ميڊيا رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ ترسيل پاڪستانين مختلف شهرن جي ريسٽورنٽس ۾ گڏ ٿي وڏين اسڪرينن تي اهو مقابلو ڏٺو ۽ جڏهن ارشد نديم کي فاتح قرار ڏنو ويو ته هنن خوشي سان پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا.