پيرس – 09 آگسٽ (اي پي پي) برازيل ۽ آمريڪا جون فٽبال ٽيمون پيرس اولمپڪس گيمز ۾ عورتن جي فٽبال ايونٽ ۾ سون جي تمغي لاءِ (اڄ) ڇنڇر تي ايڪشن ۾ نظر اينديون. اولمپڪس جي انتھائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ جاري آھي. ان کان اڳ وومينز فٽبال ايونٽ جي پھرين سيمي فائنل ميچ ۾ آمريڪا انتھائي سخت مقابلي کانپوءِ جرمني کي 1-0 گول تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو. ٻئي سيمي فائنل ميچ ۾ برازيل جي وومينز فٽبال ٽيم شاندار راند کيڏندي اسپين جي وومينز فٽبال ٽيم کي ٻه جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان ھارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو ھو. برازيل ۽ آمريڪا جي ٽيمن وچ ۾ سون جي تمغي لاءِ ميچ (اڄ) ڇنڇر تي کيڏي ويندي. ٻنھي ٽيمن جي ڪپتانن فائنل ۾ ڪاميابي لاءِ بيان ڏنا آھن ۽ فائنل ميچ ۾ سخت مقابلي جي اميد آھي.