لنڊن -08 آگسٽ (اي پي پي ) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ جي 33هين سيزن جي شروعات 17 آگسٽ کان ٿيندي. مانچيسٽر سٽي جي ٽيم اي پي ايل ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي اها ٽيم گذريل ايڊيشن کي کٽڻ کانپوءِ انگلش ٽاپ فلائٽ جي تاريخ ۾ لڳاتار چار ڀيرا کٽڻ واري مردن جي فٽبال ٽيم بڻجي وئي هئي. 20 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ آمهون سامهون ٿينديون.گذريل سيزن جون ٽاپ 17 ٽيمون ۽ چيمپئين شپ جي درجه بندي ۾ ترقي حاصل ڪندڙ ٽي ٽيمون ليسٽر سٽي، ايپسوچ ٽائون ۽ سائوٿمپٽن آهن جيڪي ليگ ۾ جڳهه پڪي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. انگلش پريميئر ليگ جي ايندڙ سيزن ۾ شامل 20 ڪلبن جي ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين مانچيسٽر، بورن مائوٿ، آرسنل، آسٽن ولا، برائٽن ، چيلسي، ڪرسٽل پيلس، ايورٽن، فلهم، ايپسوچ ٽائون، ليسٽر سٽي، ليور پول، مانچيسٽر يونائيٽڊ، نيول ڪيسل، ناٽنگهم فاريسٽ، سائوٿمپٽن، ٽوٽنگهم هاٽ پور، ويسٽ هيم اوروولور هيمپٽن شامل آهن.