پيرس -08 آگسٽ (اي پي پي ) اولمپڪ گيمز جي مقابلن ۾ آمريڪا جي ايٿليٽ ڪوئنسي هال مردن جي 400 ميٽر ڊوڙ جي فائنل مقابلي ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو . فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. مردن جي 400 ميٽر ڊوڙ جي فائنل مقابلي ۾ آمريڪا جي 26 سالن جي ڪوئنسي بهترين ڪارڪردگي عيوض گهربل مفاصلو 43.40 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن سميت سون جو تمغو حاصل ڪيو، انهن مقابلن ۾ 29 سالن جي برطانوي ايٿليٽ ميٿيو هڊسن سمٿ گهربل مفاصلو 43.44 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري ٻي پوزيشن سان چاندي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو ۽ زميبيا جي 21 سالن جي ايٿليٽ مزالا سموڪونگا 43.72 سيڪنڊن۾ مفاصلو طعي ڪري ٽئين نمبر تي رهيو ۽ ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو.