لاهور-07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي قومي سليڪشن ڪميٽيءَ بنگلاديش خلاف آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سيريز لاءِ 17 رڪني پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي جي ترجمان موجب سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 21 کان 25 آگسٽ تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۾ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندي. پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جي تربيتي ڪيمپ 11 آگسٽ کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود ڪيمپ جي نگراني ڪندا. ٽيسٽ سيريز اسڪواڊ ۾ شان مسعود (ڪپتان) سعود شڪيل (نائب ڪپتان) عامر جمال (فٽنيس سان مشروط)، عبدالله شفيق، ابرار احمد، بابر اعظم، ڪامران غلام، خرم شهزاد، مير حمزه، محمد علي، محمد هريره، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر) نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا، سرفراز احمد (وڪيٽ ڪيپر) ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن.قومي سليڪشن ڪميٽي بنگلاديش (اي) خلاف پهرين چئن ڏينهن واري ميچ لاءِ به پاڪستان شاهينز جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان شاهينز اسڪواڊ ۾ سعود شڪيل (ڪپتان) ڪامران غلام، مهراڻ ممتاز، مير حمزه، محمد علي، محمد رميز جونيئر، محمد هريره، نسيم شاهه، سعد بيگ (وڪيٽ ڪيپر)، سعد خان، صائم ايوب، ثمين گل، سرفراز احمد (وڪيٽ ڪيپر) ۽ عمر امين شامل آهن.