اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ارشد نديم کي پئرس اولمپڪس 2024ع جي نيزي بازي جي مقابلي ۾ فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن ارشد نديم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ارشد نديم هڪ باصلاحيت ۽ مشهور ايٿليٽ آهي جنهن ڀرپور محنت ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. پاڪستان ۾ نيزي بازي جي راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ ارشد نديم جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. پوري قوم کي ارشد نديم جي صلاحيتن تي اعتماد آهي. اميد آهي ته ارشد نديم جيولن ٿرو جي فائنل ۾ به انهي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندو. پوري قوم جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ارشد نديم سان گڏ آهن.