پيرس _5 آگسٽ (اي پي پي ) پيرس اولمپڪس گيمز ۾ مردن جي فيلڊ هاڪي ايونٽ جو ڪوارٽر فائنل رائونڊ ختم ٿيڻ بعد سيمي فائنل لائين اپ مڪمل ٿي وئي آهي. نيڌرلينڊز، اسپين ، جرمني ۽ ڀارت جون ٽيمون ٽاپ فور رائونڊ ۾ پهچي چڪيون آهن. مينز فيلڊ هاڪي ايونٽ جا ٻئي سيمي فائنل اڱاري ڏينهن کيڏيا ويندا. پيرس اولمپڪس گيمز ۾ مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. مينز فيلڊ هاڪي ايونٽ جو پهريون سيمي فائينل اڄ اڱاري تي نيڌر لينڊز ۽ اسپين وچ ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ٻيو سيمي فائينل جرمني ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو. ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 08 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته سون جي ٻلي لاءِ ميچ به ساڳئي ڏينهن 08 آگسٽ تي کيڏي ويندي.