اسرائيلي سفير کي سالياني امن تقريب ۾ دعوت نه ڏني ويندي: ناگاساڪي جو ميئر

ٽوڪيو - 02 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي شهر ناگاساڪي جي ميئر سوزوڪي شرو چيو آهي ته ناگاساڪي ۾ منعقد ٿيندڙ سالياني تقريب ۾ اسرائيلي سفير کي دعوت نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اين ايڇ ڪي مطابق هن ناگاساڪي ۾ منعقد پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته ناگاساڪي تي آمريڪا طرفان ڪيرايل ايٽم بم جي حوالي سان منعقد سالياني تقريب ۾ اسرائيلي سفير کي دعوت نه ڏني ويندي. …

ٽوڪيو – 02 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي شهر ناگاساڪي جي ميئر سوزوڪي شرو چيو آهي ته ناگاساڪي ۾ منعقد ٿيندڙ سالياني تقريب ۾ اسرائيلي سفير کي دعوت نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اين ايڇ ڪي مطابق هن ناگاساڪي ۾ منعقد پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته ناگاساڪي تي آمريڪا طرفان ڪيرايل ايٽم بم جي حوالي سان منعقد سالياني تقريب ۾ اسرائيلي سفير کي دعوت نه ڏني ويندي. هن واضح ڪيو ته اهو ڪو سياسي فيصلو ناهي پر ان جو مقصد ايٽم بم متاثرن جي سوڳ لاءِ 9 آگسٽ جي يادگاري تقريب کي پرسڪون ۽ باوقار ماحول ۾ منعقد ڪرڻ آهي.