سعودي پرڏيهي وزير جو آمريڪي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو، غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ زور

رياض – 02 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي تي زور ڀريو. العربيا اردو مطابق ڳالهه ٻولهه ۾ خطي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهڙي طرح ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي تائين پهچڻ جي اهميت …

رياض – 02 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي تي زور ڀريو. العربيا اردو مطابق ڳالهه ٻولهه ۾ خطي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهڙي طرح ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي تائين پهچڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ڳالهه ٻولهه ۾ سوڊان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهايو ويو.