ٽرينيڊاڊ -02 آگسٽ (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 7 کان 11 آگسٽ تائين ڪوئنز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين، ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز ۾ آهي جتي اها پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي - ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. …
ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 7 آگسٽ کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
ٽرينيڊاڊ -02 آگسٽ (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 7 کان 11 آگسٽ تائين ڪوئنز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين، ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز ۾ آهي جتي اها پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي – ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 7 آگسٽ کان ٿيندي. اهڙيءَ ريت ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 15 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين ڪوپروويڊنس اسٽيڊيم گيانا ۾ کيڏي ويندي. ان بعد ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 03 عالمي ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ پهچندي جنهن جي پهرين ميچ 23 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي 24 آگسٽ تي ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ 27 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٽئي ٽي – 20 ميچون برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.











