پئرس-01 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ريس واڪر يانگ جيا پئرس اولمپڪ گيمز 2024ع ۾ عورتن جي 20 ڪلوميٽرن جي واڪ ريس ۾ سون جو ٻلو کٽي ورتو، اسپين جي ريس واڪر ماريه پيريز ان مقابلي ۾ چاندي ۽ آسٽريلين ريس واڪر جمائما مونٽاگ ٽامي جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو. فرانس جي گادي واري هنڌ پئرس ۾ اولمپڪ جا رنگارنگ مقابلا جاري آهن. پهرين آگسٽ تي عورتن جي 20 ڪلوميٽرن جي واڪ ريس ۾ 28 سالن جي چين جي ريس واڪر يانگ جيا گهربل مفاصلو هڪ ڪلاڪ 25 منٽن ۽ 54 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن سان سون جو ٻلو حاصل ڪيو. انهن مقابلن ۾ 28 سالن جي اسپين جي ريس واڪر ماريه پيريز چاندي جو ٻلو حاصل ڪيو جڏهن ته آسٽريلين ريس واڪر جمائما مونٽاگ ٽئين پوزيشن سان ٽامي جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو.