مٺي-29 جولاءِ (اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ برسات دوران کنوڻ تباهي مچائي ڇڏي، هڪ ئي گهر جي 6 ڀاتين سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو.تفصيل مطابق تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ اڪراڙو ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا رميش پٽ لڇمڻ ڀيل، رنجيت پٽ گلجي ڀيل، ڀمرو پٽ ڀوڄو ڀيل، سگنا ڌيءَ گلاب ڀيل فوت، وڪرم پٽ گلاب ڀيل ۽ انيتا ڌي ڀمرو ڀيل فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽاڀو پٽ روپو زخمي ٿي پيو، جنھن کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ ٻنٽاري ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب چيلهار شهر جو رهواسي نوجوان شفيع ولد جمعون فقير فوت ٿي ويو، ڇاڇرو جي ڳوٺ خميسو جي ڍاڻي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 11 سالن جي فرزانه مڱريو فوت ٿي وئي، ان کان علاوه مختلف ڳوٺن ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 60 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آهي، ڳوٺ اڪراڙو مان ست ڍڳيون، ڳوٺ گوڙي ۾ پنج ٻڪريون، ڳوٺ ڪنڀاري ۾ 6 گڏھ، ڳوٺ ساڪريو ۾ 24 ٻڪرين سميت 60 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آهي.