راولپنڊي – 29 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ختم نبوت عقيدي کانسواءِ اسلام مڪمل نه ٿو ٿئي، اسلام ڪوڙ ۽ انتشار ڦهلائڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، ڪنهن جي قتل جي فتويٰ ڏيڻ جو ڪنهن وٽ ڪو اختيار نه آهي، اهڙي فتويٰ جاري ڪرڻ جي پٺيان ڪيترائي سياسي مقصد آهن، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اهڙن قدمن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ اسان مذهب جي آڙ ۾ نفرت ڦهلائيندڙن ۽ قتل جي فتويٰ ڏيندڙن جي رستي جي ديوار بڻجنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي سي آفيس ٻاهران مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي ۽ عالم سڳورن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪالهه کان منصف اعليٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي، ڪنهن جي قتل جي فتويٰ ڏيڻ جو اختيار ڪنهن وٽ نه آهي، ڇا اهي ماڻهو دين اسلام کي سمجهن ٿا ته اهڙي طرح جا اعلان ڪن؟ هن چيو ته ختم نبوت عقيدي کانسواءِ دين مڪمل نه آهي ۽ اها ئي ڳالهه سپريم ڪورٽ جي پريس ريليز ۾ پڻ واضح ڪئي وئي آهي ته فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ختم نبوت تي ڪامل ۽ غيرمشروط ايمان کانسواءِ ڪو شخص مسلمان نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران وضاحتي بيان اچڻ کانپوءِ ان ڳالهه جي ڪهڙي گنجائش آهي ته قتل جي فتويٰ جاري ڪئي وڃي ۽ ڪنهن جي عقيدي تي خدشن جو اظهار ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن ماڻهن کي ڪنهن حق ڏنو آهي؟ اهي ڪهڙي ديني يونيورسٽي يا مدرسي مان تعليم پرايل آهن جو اهڙي طرح جا اعلان ڪندا وتن؟ هن چيو ته اهو معاملو مذمت کان اڳتي جو آهي، اسان نفرت ڦهلائڻ، قتل جي فتويٰ جاري ڪرڻ ۽ ڪنهن جي عقيدي تي شڪ ۽ خدشن جو اظهار ڪندڙ اهڙن عنصرن جي رستي جي ديوار بڻجنداسين. هن چيو ته اهڙي فتويٰ جاري ڪرڻ جي پٺيان کليل سياسي مقصد آهن، اها فتويٰ به سياسي بنيادن تي جاري ڪئي وئي آهي، منهنجو انهن کان سوال آهي ته انهن جو پنهنجو طرزعمل ڪهڙو آهي؟ هن چيو ته منهنجي بزرگن 1953ع جي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، قاضي فائز عيسيٰ جو والد قاضي عيسيٰ قائداعظم جو ويجهو ساٿي هو، هن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ انهن جو اهم ڪردار هو، ان جي ڏاڏي مسلمانن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قانون جو تحفظ ۽ لاڳو ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. ان فعل تي ايف آءِ آر داخل ٿي آهي، اسان جي معاشري ۽ ملڪ جي اندر ڪا گنجائش نه آهي ته توهان سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا حڪم جاري ڪريو جنهن جو توهان کي حق ئي حاصل نه آهي. هن چيو ته ان عمل جي شديد مذمت ڪريون ٿا، چيف جسٽس بابت اهڙا جملا ادا ڪرڻ قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي، ان عمل جي اجازت بلڪل نٿي ڏئي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها فتويٰ جاري ڪرڻ جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ دهشتگردي جون شقون شامل ڪيون ويون آهن، اهو عمل دهشتگردي جي برابر آهي جنهن جي قطعي طور تي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته جڏهن وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، هزارين فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو ان تي هي ماڻهو ڇو نٿا ڳالهه ڪن؟ هن چيو ته پاڪستان هزارين ٽن امداد فلسطيني عوام جي لاءِ موڪلي، مسلم ليگ (ن) واحد سياسي پارٽي آهي جنهن غزه تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريو، وزيراعظم عالمي فورمز تي پڻ اها ڳالهه ڪئي ته اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ بند ڪئي وڃي، ان مسئلي تي اهي ماڻهو ڇو خاموش آهن؟ هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فتويٰ جي معاملي تي ڪا لچڪ نه ڏيکارينداسين، ان معاملي کي ٽيسٽ ڪيس بڻايو ويندو ته جيئن اڳتي ڪير اهڙي طرح جي فعل جي جرئت نه ڪري سگهي، جن اهو بيان ڏنو آهي انهن ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جماعت اسلامي سان ٽيڪنيڪل ڪميٽي ڳالهيون ڪندي.