زغرب _ 29 جولاءِ (اي پي پي) ارجنٽائن جي ٽينس رانديگر فرانسسڪو سيرونڊولو اٽلي جي لورينزوموسيٽي کي شڪست ڏئي اي ٽي پي ڪروشين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽي ورتي. ارجنٽائن جي ٽينس رانديگر فرانسسڪو سيرونڊولو مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ سخت مقابلي بعد اٽلي جي لورينزوموسيٽي کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. اي ٽي پي ڪروشين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا اماگ، ڪروشيا ۾ جاري آهن.