پيرس – 25 جولاءِ (اي پي پي) پيرس اولمپڪس گيمز ۾ شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. مردن جي فٽبال ايونٽ ۾ 27 جولاءِ تي وڌيڪ 8 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ۾ گروپ اي جون ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ آمريڪا آمهون سامهون ٿينديون، گروپ اي جي ٻي ميچ ۾ فرانس جو مقابلو گني سان، ٽئين ميچ ۾ گروپ بي جون ٽيمون ارجنٽائن ۽ عراق، چوٿين ميچ ۾ گروپ بي جون ٽيمون يوڪرين ۽ مراڪش، پنجين ميچ ۾ گروپ سي جون ٽيمون ڊومينيڪن ريپبلڪ ۽ اسپين، ڇهين ميچ ۾ گروپ سي جون ٽيمون ازبڪستان ۽ مصر، ستين ميچ ۾ گروپ ڊي جون ٽيمون اسرائيل ۽ پيراگوئي جڏهن ته اٺين ميچ ۾ گروپ ڊي جون ٽيمون جاپان ۽ مالي آمهون سامهون ٿينديون. مينز فٽبال ايونٽ جا 4 ڪوارٽر فائنلز 2 آگسٽ تي کيڏيا ويندا، سيمي فائنلز 5 آگسٽ تي کيڏيا ويندا، ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 8 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته سون جي تمغي لاءِ ميچ 9 آگسٽ تي کيڏي ويندي.