پيرس – 25 جولاءِ (اي پي پي) پيرس اولمپڪس گيمز ۾ شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. عورتن جي فٽبال ايونٽ ۾ 28 جولاءِ تي وڌيڪ 6 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جو مقابلو ڪولمبيا سان ٿيندو. ٻي ميچ ميزبان فرانس ۽ ڪئناڊا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ آسٽريليا ۽ زميبيا وچ ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ميچ آمريڪا ۽ جرمني وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ميچ ۾ برازيل ۽ جاپان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ڇهين ميچ اسپين ۽ نائيجيريا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ايونٽ جا 4 ڪوارٽر فائنلز 6 آگسٽ تي کيڏيا ويندا. ٽامي جي تمغي لاءِ ميچ 9 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته سون جي تمغي لاءِ ميچ 10 آگسٽ تي کيڏي ويندي.