برمنگهم-24 جولاءِ(اي پي پي) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 26 جولاءِ کان برمنگهم ۾ شروع ٿيندي. ميزبان انگلينڊ کي مهمان ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي سرسي حاصل آهي. پهرين ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز کي آساني سان 114 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته 18 کان 22 جولاءِ تائين کيڏيل ٻئي ميچ ۾ به انگلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز کي 241 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 جولاءِ تائين برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.