پيرس – 24 جولاءِ (اي پي پي) پيرس اولمپڪس گيمز جي شروعاتي رنگارنگ افتتاحي تقريب 26 جولاءِ تي فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ ٿيندي جيڪا 11 آگسٽ تائين جاري رهندي. پيرس اولمپڪس گيمز جو ڪائونٽ ڊائون جاري آهي، انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ تي آهن ۽ راندين جي وڏي ميلي ۾ هڪ ڏينهن باقي رهجي ويو آهي. پيرس اولمپڪس گيمز جي رنگارنگ افتتاحي تقريب 26 جولاءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندي جيڪا مقامي وقت مطابق شام جو ساڍي 7 وڳي (پاڪستاني وقت مطابق رات ساڍي 10 وڳي) شروع ٿيندي. ان تقريب ۾ فرانس جو صدر عالمي راندين جو باضابطه افتتاح ڪندو جڏهن ته اولمپڪ مشعل به روشن ڪئي ويندي. پيرس اولمپڪس گيمز مطابق راندين جي سڀ کان وڏي ميلي لاءِ ڀرپور تياريون لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪيون آهن. پيرس اولمپڪس گيمز ۾ 32 راندين جا 329 ايونٽس هوندا جن ۾ سڄي دنيا مان لڳ ڀڳ ساڍا 10 هزار ايٿليٽس شرڪت ڪندا.