حيدرآباد-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين جي قدرتي رستن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، پرُاڻ ڍوري کان شڪور ڍنڍ تائين پاڻي جي قدرتي رستن جي بحالي سان اسپائنل ڊرين تي اضافي بار گهٽ ٿيندو، پاڻي جي نيڪالي بان رنڊڪ جي ٿيندي، آر ڊي 297 تي ويئر جي تعمير جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان روشن آباد، جهڏو، ٽنڊو محمد خان جي علائقن کي ٻوڏ جي نقصانن کان بچائي سگهبو، ايل بي او ڊي اسپائنلز جي کوٽائي سان قدرتي پاڻي جا وهڪرا بند ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نواب شاهه جون زمينون ٻُڏڻ سبب کاريون ٿي ويون. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايل بي او ڊي اسٽيج ون، اسپائنل اسڪيپ ريگوليٽرز ۽ شڪور ڍنڍ تائين پراڻ ڍوري جي بحالي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، آبپاسي سيڪريٽري ظريف کيڙو، مقامي چونڊيل نمائندن ۽ چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جي افتتاح کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته ايل بي او ڊي نوابشاهه، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ بدين ضلعن ۾ 1.27 ملين ايڪڙ زمين ۾ آبي ذخيرن ۽ سم کان ڇوٽڪاري لاءِ 1984ع کان 1997ع ۾ جوڙي وئي هُئي. ايل بي او ڊي جي تعمير جو مقصد سنڌ ۾ تقريبن 2 ملين، هيڪٽر زمين جي سيوريج جي پاڻي جو نيڪال ڪرڻ هو. سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن ۾ پاڻي ڪڍيو ويو آهي، اسپائنل ڊرين کي بدين ضلعي جي حدن ۾ آر ڊي 159 تي ڍورو پراڻ آئوٽ فال ڊرين ذريعي شڪُور ڍنڍ ۽ ڪي پي او ڊي جي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. اهو پاڻي ڇولي/وير ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، ايل بي او ڊي جو ڊزائين 4600 ڪيوسڪ آهي جنهن ۾ 5 ڏينهن ۾ 125 ملي ميٽر برسات جي پاڻي کي ڪڍڻ جي صلاحيت آهي. تنهن هوندي به موسمياتي تبديلين سبب ملڪ ۾ هاڻوڪي ڏينهن ۾ برساتن ۾ اضافو ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ سال 2022ع ۾ برساتون 175 سيڪڙو رڪارڊ ڪيون ويون، جڏهن ته سنڌ ۾ اهو اضافو جولاءِ جي مهيني ۾ 307 سيڪڙو ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ 726 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نواب شاهه ضلعن جي رهواسين کي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ جون زرخيز زمينون بنجر ٿي ويون، ڍنڍون ۽ قدرتي نظام تباهه ٿيو ۽ معاشي وسيلا گهٽجي ويا، اهي انگ اکر نه رڳو ڇرڪائيندڙ هئا پر ايل بي او ڊي جي ڊزائين کان به وڌيڪ هئا، سال 2022ع جي سانوڻي جي برسات دوران ايل بي او ڊي پنهنجي ڊزائين کان وڌيڪ پاڻي کنيو جنهن جي نتيجي ۾ ايل بي او ڊي جي نظام کي شديد نقصان پهتو. سال 2022ع جي برساتن دوران 28 آگسٽ تي آر ڊي 7 ۽ 8 جي ڊيمن کي 27 سيپٽمبر 2022ع تي بند ڪيو ويو، سانوڻي جي ٻوڏ دوران قدرتي لنگهه بند ٿيڻ سبب آبپاشي کاتي کي گهڻين پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. 2022ع جي ٻوڏ ۾ ايل بي او ڊي جي اسپائنل ڊرين ۾ رڪارڊ پاڻي نڪتو، آر ڊي 245 جي اسپائنل ڊرين ۾ محفوظ گيج 11.5 فوٽ هو ۽ 2022 جي ٻوڏ ۾ آر ڊي 210 اسپائنل مان پاڻي جي نيڪالي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ساڳئي سال برساتي ٻوڏ دوران مون ايل بي او دي جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو هو، آبپاشي کاتي طرفان ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪالي جي حڪمت عملي جي نگراني ڪئي ۽ آبپاشي کاتي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪيا. آبپاشي واري وزير مسئلن جي حل لاءِ آبپاشي کاتي جي ماهر انجنيئرن سان گڏجي ڪم ڪيو، سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي ڊولپمينٽ ريجن II جي سفارشن تي ايل بي او ڊي ۽ پراڻي قدرتي پاڻي جي رستن جي بحالي جي اسڪيمن جي منظوري ڏني.

 

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايل بي او ڊي اسپائنل ۾ پاڻي وڌيڪ هجڻ سب پريشر بڻجي رهيو هو، جنهن جي حل لاءِ آر ڊي 211 تي ريگوليٽر به بڻايو ويو آهي جنهن سان ايل بي او ڊي ۾ پاڻي وڌڻ کانپوءِ ريگوليٽرز ذريعي پراڻي ايل بي او ڊي اسپائنل ۾ پاڻي کوليو ويندو ته جيئن دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عالمي مالياتي تعاون سان هلندڙ مالي سال دوران پُراڻ ڍورو جي آر ڊي 8 تي ريگوليٽر جي تعمير ۽ ايل بي او ڊي اسپائنل جي آر ڊي 297 تي ويئر جي تعمير جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ان جي مڪمل ٿيڻ بعد روشن آباد، جهڏو، ٽنڊو محمد خان کان پُراڻ ڍورو جي ڊرينج نيٽ ورڪ جو تيز ۽ وقت سر وهڪرو ممڪن ٿي سگهندو ۽ انهن سمورن علائقن جي ٻوڏ جي نقصانن کان بچائي سگهبو ۽ ان سان گڏ ڍورن جي مورين جي بحالي جو ڪم به جاري آهي جنهن ۾ ڍوري جي پاسن جي اونچائي کي وڌائي پاڻي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ پُلين کي ويڪرو ڪري پختو ڪيو ويو آهي، قدرتي پاڻي جي رستن کي بحال ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڻي جي نيڪالي کي ممڪن بڻائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين ڊرينج نيٽ ورڪ کي سامونڊي لنڪ ذريعي جوڙي ٿو. ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين پاڻي جي نيڪالي کي جمع ڪري ٿو ۽ ٻن شاخن جي نالين ڪڍڻ، پتيجي آئوٽ فال ڊرين (ڪي پي او ڊي) ۽ پُراڻ ڍورو آئوٽ فال ڊرين (ڊي پي او ڊي) ۾ ورهائي ٿو. اسپائنل ڊرين سسٽم کي وڌيڪ کاري پاڻي جي نيڪالي کي ڪي پي ڊي او ۽ پوءِ سمنڊ ۾ موڪلڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو. ڪي پي ڊي او سمنڊ سان 26 ملين ڊگهي واهه ذريعي جڙي ٿو جنهن کي ٽائيڊل لنڪ چوندا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽنهي ڊويزنن کان 204 نالا جن جي ڊيگهه 1735 ميل آهي جيڪي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪندا آهن انهن مان بدين جا 108 نالا شامل آهن جيڪي 813 ميل تي پکڙيل آهن. ميرپورخاص کان 51 نالا 454 ميلن تي ٻڌل آهن ۽ سانگهڙ کان 43 نالا 336.6 ملين تائين پکڙيل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايل بي او ڊي جي تاريخي پس منظر بابت آگاهي ڏيندي چيو ته واپڊا (وفاقي حڪومت) 1993ع م ايل بي او ڊي اسپائنل کي سنڌ جي آبپاشي کاتي جي حوالي ڪيو هو، پر هي نظام ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ 1994ع ۾ سانوڻي جي شديد برساتن دوران نقصان پهتو، ان لاءِ هي نظام 1995ع ۾ واپڊا کي واپس ڪيو ويو. واپڊا فيبروري 2002ع ۾ ٻيهر ايل بي او ڊي سسٽم سنڌ جي آبپاشي کاتي جي حوالي ڪيو، ايل بي او ڊي پروجيڪٽ ۾ 261.12 ڪلوميٽر ڊگهي اسپائنل ڊرين، 99 ڪلوميٽر جو ڪي پي ڊي او/ڊي پي او ڊي DPOD ، 43 ڪلوميٽر جو ٽائيڊل لنڪ، 1666 ڪلوميٽر سرفيس ڊرينز ۽ 1673 پاڻي جي نيڪالي جا کوهه شامل آهن.ان جو فائدي مند ايراضي 1.270 ملين ايڪڙ تي پکڙيل آهي، منصوبي جي لاڳت 33.44 ملين روپيا هئي، ايل بي او ڊي پروجيڪٽ جي شروعات جولاءِ 1986ع ۾ ڪئي وئي. ايل بي او ڊي کي پهرين فيبروري 2002ع تي سنڌ ايريگيشن ڊپارٽيمنٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو، 4 جولاءِ 2022ع تي وڏيُون برساتون شروع ٿيو ۽ ايل بي او ڊي جي پاڻي جي نيڪاسي جو نيٽ ورڪ موثر طريقي سان طوفاني پاڻي کي ڇوڙ ڪيو. صفائي جي عمل سبب نالا موثر طريقي سان ڪم ڪندا آهن، ايل بي او ڊي سسٽم جو مقصد 48 ڪلاڪن ۾ 125 ملي ميٽر برساتن جي پاڻي کي پنج ڏينهن ۾ ڪڍڻ جي مدي سان گڏ منظم ڪرڻ هو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2020ع ۽ 2022ع جي وڏين برساتن وڏي پئماني تي تباهي مچائي ۽ سنڌو درياءُ جي کاٻي ڪناري تي موجود پاڻي جي نيڪالي جي نظام جي خرابين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي بي نقاب ڪيو، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نواب شاهه جي ضلعن جي ماڻهن کي سدائين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايل بي او ڊي اسپائنل کي 4600 ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو، جڏهن ته سانوڻي جي مند 2022ع ۾ تقريبن 12000 ڪيوسڪ برساتي پاڻي آيو هو، پُراڻ ڍوري ۾ ٻه وڏا گهارا ڊي 7 ۽ 8 ۾ 28 آگسٽ 2022ع تي لڳا، پراڻ ڍوري جي آر ڊي 8 جي گهاري کي اڳئين ڏينهن بند ڪيو ويو، جڏهن ته آر ڊي 7 پراڻ ڍوري جي گهاري کي بند ڪرڻ ۾ پنج ڏينهن لڳا، ان وقت ايل بي او ڊي سسٽم جي اندر وهندڙ سمورا ڍورا پنهنجي قدرتي لنگهن تي هلڻ لڳا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قدرتي رستن تي هلندڙ ڍورن ۾ پٿورو، هاڪڙو، نارو، ڊگهڙي، پرُاڻ ۽ پنگريو شامل آهن، پاڻي پراڻي قدرتي لنگهن تي هلندي آخرڪار ڍورو پراڻ ۾ وڃي شڪور ڍنڍ ۾ ڪري ٿو، ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين ان قدرتي پاڻي جي نيڪالي جي رستي کي چئن هنڌن ڪٽي ٿي، جن ۾ آر ڊي 275، آر ڊي 251، آر ڊي 239 ۽ آر ڊي 210 شامل آهن. اهي چوواٽا ايل بي او ڊي سسٽم اندر وهندڙ سمورن ڍورن جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجندا آهن. اسپائنل ڊرين آر ڊي 275 تي ڍورو پراڻ ۽ ڊرين آر ڊي 210 تي ڍورو پنگريو تي سائفون جي تعمير ڪئي وئي آهي. ايم ايم ڊي ۽ ڊگهڙي ڍورو ڊسچارج کي آر ڊي 275 تي هڪ سائفن ذريعي ڍورو پراڻ ۾ موڙيو ويو آهي جيڪو هاڪڙو ڍورو سان گڏبو. اهو اسپائنل ڊرين تي اضافي بار کي گهٽ ڪندو ۽ ڍورو کي جاري رکندو، جنهن سان نيڪالي جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو. سال 2022ع ۾ سخت برساتن دوران پنگريو ڍورو ايل بي او ڊي سسٽم ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ هڪ اهم خطرو درپيش ڪري ڇڏيو، اهو سائفن پنگريو ڍورو کان وڌيڪ خارج ٿيندڙ مادي کي پُراڻ ڍورو ۾ موڙي منظم ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شڪور ڍنڍ ۾ پاڻي ڪرندو، خطرن کي گهٽ ڪندو ۽ نظام جي صلاحيت کي وڌائي ڇڏيندو، سال 2022ع ۾ سسٽم 12000 ڪيوسڪ جي طوفاني پاڻي کي ڇوڙ ڪيو، جيڪو ان جي ڊزائين جي گنجائش 4600 ڪيوسڪ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان جي ڪري اسپائنل ۾ سطح بلند ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ايل بي او ڊي سسٽم جي مين ڊرين ۾ رڪاوٽون پيون ۽ اُن ابتو وهڻ شروع ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين جي قدرتي رستن کي بحال ڪيو آهي، آبپاشي کاتي سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ۾ ايل بي او اسپائنل ڊرين جي بحالي ۽ پاڻي جي نيڪالي جي نظام کي صاف ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏنو. سائفنز جي تعمير ۽ ايل بي او ڊي سسٽم جي بحالي ذريعي قدرتي ڍورن جي بحالي کانپوءِ اسپائنل ڊرين تي اضافي بار گهٽ ٿي ويندو ۽ ان سان اسپائنل ڊرين جي سطح گهٽجي ويندي جنهن سان ايل بي او ڊي سسٽم جي اهم نالن سميت نواب شاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين جي پاڻي جي نيڪالي جي نيٽ ورڪ کي بنا رنڊڪ جي رسائي ملندي.

 

هن چيو ته کپرو، عمرڪوٽ، سنڌڙي ۽ ٽنڊو محمد خان سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام جي کوٽ آهي، انهن علائقن ۾ شديد برساتن دوران ٻوڏ ايندي آهي. هڪ دفعو جڏهن ڍورن کي فعال ۽ بحال ڪيو ويندو، انهن علائقن لاءِ نيڪالي جو نظام بڻايو ويندو ۽ ان کي ڍورن سان جوڙيو ويندو، اهو نيٽ ورڪ قدرتي پاڻي جي نيڪالي جي رستي تي هلندي آخرڪار شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو. سائفنز جي تعمير ۽ ايل بي او ڊي سسٽم جي بحالي سان ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوڏ جي خطرن کي گهٽ ڪيو ويندو، مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ ڀلائي ۾ اضافو ٿيندو. پاڻي جي نيڪالي جي مسئلن کي حل ڪندي اهو منصوبو زرعي زمينن کي پاڻي پهچائڻ ۾ مدد ڪندو ۽ ٻوڏ کان بچائيندو، وڌيڪ مستحڪم ۽ پيدواري جي حالتن کي بهتر بڻائيندو، جنهن جي نتيجي ۾ هارين کي فائدو حاصل ٿيندو، پاڻي جي نيڪالي جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۽ اضافي پاڻي کي گهٽ ڪرڻ سان زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان فصلن جي وڌيڪ پيداوار ٿيندي ۽ آبادگار معاشي طور مستحڪم ٿيندا.