واشنگٽن _ 23 جولاءِ (اي پي پي ) آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ئي ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد سان ڪندي چيو آهي ته هوءَ آمريڪا ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چُونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. اي ايف پي مطابق وليمنگٽن ڊيلاويئر ۾ واقع هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي حامين جي خطاب ۾ ڪملا هيرس اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت سخت لفظن جو استعمال ڪيو. صدر جوبائيڊن جي صدارتي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ بعد نامزدگي حاصل ڪندڙ ڪملا هيرس اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪاميابي لاءِ پر عزم آهي. چونڊ ڪارڪنن سان پنهنجي پهرين تقرير ۾ ڪملا هيرس ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ ماضي ۾ هر قسم جي ڏوهارين جو مقابلو ڪري چڪي آهي. خيال رهي ته آمريڪا جي نائب صدر بڻجڻ کان اڳ ڪملا هيرس ڪيلفورنيا رياست جي چيف پراسيڪيوٽر طور ڪم ڪري چڪي آهي.