ڪولمبو -22 جولاءِ (اي پي پي) ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي انتظام هيٺ نائين وومينز ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2024ع ۾ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو اڱارو 23 جولاءِ تي ٿيندو. نائين وومينز ڪرڪيٽ ڪپ جي سخت مقابلن جو سلسلو سريلنڪا ۾ جاري آهي، ٽورنامينٽ ۾ 23 جولاءِ تي کيڏجندڙ پهرين ميچ ۾ پاڪستان جي وومينز ٽيم گڏيل عرب امارتن جي ٽيم سان مقابلو ڪندي جڏهن ته ٻي ميچ ميزبان ڀارت جي وومينز ٽيم ۽ نيپال جي وومينز ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.