اسٽاڪ هوم -22 جولاءِ (اي پي پي) پرتگال جي نونوبورجيس پهريون ڀيرو اي ٽي پي سويڊش اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کڻي ورتو. مردن جي سنگلز مقابلن جي عالمي درجه بندي ۾ 51 نمبر تي موجود پرتگال جي 27 سالن جي ٽينس رانديگر نونوبور جيس مينز سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ اسپين جي مشهور عالمي ٽينس اسٽار ۽ اڳوڻي عالمي نمبر ون رافيل نڊال کي 2-0 سيٽس تان شڪست ڏني. سويڊن ۾ اي ٽي پي سويڊش اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا باسٽاد ٽينس اسٽيڊيم ۾ جاري آهن.