هراري-11 جولاءِ (اي پي پي) زمبابوي ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز جي ڇوٿين ميچ جولائي ۾هراري اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي ميزبان زمبابوي خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي ڪاميابي حاصل آهي. زمبابوي جي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 13 رنسن تان هارايو هو، جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم ٻي …
زمبابوي ۽ ڀارت جي وچ ۾ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ 13 جولائي تي کيڏي ويندي

مزید خبریں
هراري-11 جولاءِ (اي پي پي) زمبابوي ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز جي ڇوٿين ميچ جولائي ۾هراري اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي ميزبان زمبابوي خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي ڪاميابي حاصل آهي. زمبابوي جي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 13 رنسن تان هارايو هو، جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ شاندار واپسي ڪندي ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي 100 رنسن تان هارائي مقابلو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏيو. ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم زمبابوي کي 23 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل ڪئي. ڀارتي ٽيم جي قيادت شبمن گل ڪندو، جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم جي اڳواڻي سڪندر رضا ڪندو ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ 13 جولائي تي کيڏي ويندي، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 14جولائي تي کيڏي ويندي.











