نيويارڪ-05 جولاءِ (اي پي پي) ڪوپا آمريڪا فٽ بال چيمپئين شپ 2024 ۾ دفاعي چيمپئين ارجنٽائن جي ٽيم پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ايڪواڊور کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 2-4 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ داخل وئي آهي . ميچ جي مقرر ۽ بعد ۾ ڏنل اضافي وقت ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو 1-1 گول تان برابر رهيو. جڏهن ته ميچ جو فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو. ليز انڊور مارٽنيز ،الواريز ، ميڪ اليسٽر، مونٽيل ۽ اوٽامينڊي هڪ هڪ گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايڪواڊور پاران روڊريگز ، جان بيوه زمورا ۽ جور ڊي جوسو هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو، سائوٿ آمريڪا فٽ بال ڪنفيڊريشن جي اهتمام هيٺ ڪوپا آمريڪا جي 48 هين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا آمريڪا ۾ جاري آهن جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.