پيرس-05 جولاءِ (اي پي پي) نيدرلينڊ جي سائيڪل سوار ڊيلن گرونيويگن ٽوورڊي فرانس سائيڪل ريس جو ڇهون مرحلو کٽي ورتو. ٽووڊي فرانس سائيڪل ريس جي 111 هين ايڊيشن جي شروعات ٿي چڪي آهي ان ۾ سموري دنيامان سائيڪلن جون 22 ٽيمن جا مشهور سائيڪل سوار ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ريس جو ڇهين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن فرانس ۾ ميڪون کان ڊيجون تائين جو 163.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٻڌل هو جنهن کي 31 سالن جي نيدر لينڊز جي سائيڪل سوار ڊيلن گرونيويگن شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 3 ڪلاڪ، 31 منٽ ۽ 55 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. اريٽيريا جي سائيڪل سوار بينيم جرمني ٻئي ۽ ڪولمبيا جي سائيڪل سوار فرنيندو گاويريا ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، سلو وينيا جي سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر چوٿين نمبر تي رهيو. ٽوورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ 22 ٽيمون ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3،498 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪندا، ريس ۾ فرانس جي قومي سائيڪلنگ ٽيم کانسواءِ 22 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن.