اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس 08 جولاءِ تي ويڊيو لنڪ ذريعي ٿيندو. اجلاس جي صدارت ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ لميٽيڊ جو صدر سيد سلطان شاهه ڪندو. اجلاس ۾ 06 ملڪن جا ميمبر شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ آءِ سي سي سان لاڳاپيل سمورن معاملن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اجلاس ۾ افغانستان جي ميمبر شپ تي پڻ غور ڪيو ويندو.