لنڊن _ 2 جولاءِ (اي پي پي )اٽلي جو جينڪ سنر ۽ اسپين جو ڪارلوس الڪاراز فاتحاڻي شروعات بعد ومبلڊن اوپن ٽينس مينز جي سنگلز جي ٻي روائونڊ ۾ پهچي ويا آهن. تفصيل مطابق اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ اسپين جو شهرت يافته ٽينس اسٽار ۽ دفاعي چيمپئن ڪارلوس الڪارراز ومبلڊ اوپن ٽينس ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻين رائونڊ ۾ پهچي ويا . 22 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار مينز سنگلز جي شروعاتي رائونڊ ۾ جرمن حريف رانديگر يانڪ هنف مين کي شڪست ڏئي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. جڏهن ته هسپانوي ٽينس اسٽار ۽ دفاعي چيمپئن ڪارلوس الڪاراز مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ ايسٽونيا جي حريف رانديگر مارڪ لاجل کي شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. اهڙيءَ ريت جرمن حريف رانديگر يانڪ هنف مين کي شڪست ڏئي ٻين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو . سال جي ٽئين گرينڊ سلم ومبلڊن اوپن ٽينس جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.