ميونخ _02 جولاءِ (اي پي پي ) فرانس ۽ پرتگال جون ٽيمون يورپيئن فٽ بال چيمپئين شپ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون . فرانس جي ٽيم ٽاپ 16 ميچ ۾ بيئلجيم جي ٽيم کي سخت مقابلي بعد 1-0 گول تان هارائي ٽاپ -8 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . جڏهن ته پرتگال جي ٽيم پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ انتهائي سخت مقابلي بعد سلووينيا جي ٽيم کي پنالٽي ڪڪس تي 3-0 گول تان هارائي ڪوارٽر فائنل رائونڊ تائين رسائي حاصل ڪئي . يوئيفا جي اهتمام هيٺ يورپيئن چيمپئن شپ جا دلچسپ مقابلا جرمني ۾ جاري آهن جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.