بنگلور-01 جولاءِ (اي پي پي)ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽونٽي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 5 جولائي تي بنگلورو ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ کيڏيل ٽي ون ڊي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز ميزبان ڀارتي وومين ٽيم 3-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ڀارتي وومين ٽيم 16 جون تي ايم چناسوامي اسٽيڊيم بنگلورو ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي 143 رنسن تان هارايو هو، 19 جون تي کيڏيل ٻي ميچ ۾ 4 رنسن جڏهن ته 23 جون تي کيڏيل ميچ ۾ مهمان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان هارائي سيريز ڪلين سويپ ڪئي هئي. ٽئي ون ڊي ميچون ايم چناسوامي اسٽيڊيم بنگلورو ۾ کيڏيون ويون هيون. ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 7 جولائي ۽ ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 9 جولائي تي کيڏي ويندي. ٽئي ٽي ٽونٽي ميچون ايم چناسوامي اسٽيڊيم بنگلورو ۾ کيڏيون وينديون.