لندن-01 جولاءِ (اي پي پي)انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ڪرڪيٽ ميچ 3 جولاءِ (اربع ) تي ڪائونٽي گرائونڊ، برسٽل ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ويمن ٽيم کي مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي. انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ٽيم کي 9 وڪيٽن جڏهن ته ٻين ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.