چنائي-01 جولاءِ (اي پي پي ) ڀارت جي ڪرڪيٽ اينڊ ڪنٽرول بورڊ ( بي سي سي آئي ) جي پڌرائي مطابق ڀارت جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني زمبابوي جو دورو ڪندي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي زمبابوي جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف پنج ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي 20 ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 6 جولاءِ تي پهرين ميچ سان ٿيندي. اها ميچ هراري اسپورٽس ڪلب، هراري ۾ کيڏي ويندي. ٻئين ٽي 20 ميچ 7 جولاءِ، ٽئين ٽي 20 ميچ 10 جولاءِ، چوٿين ميچ 13 جولاءِ تي کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 14 جولاءِ تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي 5 ٽي 20 ميچون هراري اسپورٽس ڪلب، هراري ۾ کيڏيون وينديون.