نئين دهلي – 28 جون (اي پي پي) ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن تي ٽوئنٽي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 5 جولاءِ تي بنگلورو ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل 3 هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز ميزبان ڀارتي ٽيم 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي هئي. ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ 7 جولاءِ ۽ ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 9 جولاءِ تي کيڏي ويندي.