لنڊن _ 27 جون (اي پي پي) هلندڙ سال جي ٽين وڏي گرينڊ سلام ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي 137 هين ايڊيشن جي شروعات پهرين جولاءِ کان انگلينڊ ۾ ٿيندي. ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامنٽ آل انگلينڊ لان ٽينس ۽ ڪروڪٽ ڪلب ومبلڊن ۾ کيڏي ويندي ميگا ايونٽ ۾ اي ٽي پي جو 137 جڏهن ته ڊبليو ٽي اي جو 130 ايڊيشن هوندو . ان جي ڪامياب منعقد لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن . ميگا ايونٽ گراس ڪورٽ ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ٽينس جي دنيا جا مشهور رانديگر ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر ايندا.