گراس آئيلٽ -18 جون (اي پي پي) آءِ سي سي ٽي-20 مينز ورلڊڪپ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم افغانستان کي آساني سان 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. 2019 رنسن جي وڏو هدف حاصل ڪرڻ ۾ افغانستان جي ٽيم 114 رنسن تي ئي آئوٽ ٿي وئي. عبيد ميڪوي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته نڪولس پوران جنهن 53 بالن تي 8 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 98 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. گراس آئيلٽ ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي 40هين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 218 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ افغانستان جي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 16.2 اوورن ۾ 114 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. نڪولس پوران کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.