اسلام آباد– 18 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي ريحان شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريحان شيخ جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو، والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.