جميڪا -14 جون (اي پي پي) آئي سي سي ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ ميچ ۾ افغانستان پاپوا نيو گني کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي، افغانستان جي ٽيم پاپوانيو گني پاران مليل 96 رنسن جو هدف 15.1 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته افغانستان جي گلبدي نائب ناقابل شڪست 49 رنسن ۽ فضل الحق فاروقي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، فضل الحق فاروقي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. گذريل ڏينهن برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏيل 29 هين ميچ ۾ افغانستان ٽيم جي ڪپتان راشد خان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو افغانستان جي بالرز جي بهترين بالنگ سبب پاپوا نيو گني جي پوري ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 19.5 اوورز ۾ 95 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، وڪيٽ ڪيپر ڪپلن ڊوريگا 27 ، عليي نائو 13 ۽ ٽوني يورا 11 رنسون ٺاهيون. افغانستان جي فضل الحق فاروقي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ٽي ، نوين الحق 2 جڏهن ته نوراحمد هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو . جواب ۾ افغانستان بيٽنگ ڪندي پاپوا نيو گني جو 96 رنسن جو هدف 15.1 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو . اَفغانستان جو گلبدين نائب ناقابل شڪست 49 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيو. محمد نبي ناقابل شڪست 16 رنسون ٺاهيون، پاپوا نيو گني جي عليي نائو، سيمو ڪاميا ۽ رنارمن وانوا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. گروپ سي ۾ افغانستان لڳاتار ٽئين ڪاميابي حاصل ڪري سپر ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي. ٻئي پاسي ان گروپ مان ويسٽ انڊيز جي ٽيم به سپر ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آهي .