ٽرينيڊاڊ _12 جون (اي پي پي ) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) خميس تي 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ ۾ گروپ سي جون ٽيمون ميزبان ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ برائن لارا اسٽيڊيم تاروباٽرينڊاڊ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٻه ميچون کيڏي چڪي آهي ۽ ٻنهي ۾ ڪامياب رهي. اها گروپ سي جي ٽيبل تي 4 پوائنٽس سان ٻين نمبر تي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ ميچ کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ هو بنا پوائنٽ جي گروپ سي جي ٽيبل تي پنجين نمبر تي آهي. ٻين ميچ ۾ گروپ ڊي جي ٽيم بنگلاديش ۽ نيدرلينڊز جي ٽيم وچ ۾ مقابلو ٿيندو. اها ورلڊ ڪپ جي 27 هين ميچ هوندي جيڪا آرنوس ويل گرائونڊ ڪنگسٽا سينٽ ونسنٽ ۾ کيڏي ويندي.