جميڪا-1 جون (اي پي پي ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ )اربع واري ڏينهن وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو . پهرين ميچ گروپ بي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ نميبيا جي وچ ۾ سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم نارٿ سائوٿ انٽيگا ۾ کيڏي ويندي. آسٽريليا جي ٽيم ٻه ميچون کيڏيون ٻنهي ۾ ڪامياب رهي آهي. جڏهن ته نميبيا جي ٽيم کي هڪ ڪاميابي ملي آهي. ٻن پوائنٽس سميت گروپ بي جي ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي ٻئين ميچ ۾ گروپ ڊي جون ٽيمون سريلنڪا ۽ نيپال آمهون سامهون ٿينديون. اها ورلڊ ڪپ جي 24هين ميچ آهي جيڪا سينٽرل بروورڊ ريجنل پارڪ اسٽيڊيم ٽرف گرائونڊ لاوڊر هل فلوريڊا ۾ کيڏي ويندي. آئي لينڊرز ٻه ميچون کيڏي چڪي آهي ٻنهي ميچن ۾ ان کي شڪست ٿي آهي جڏهن ته نيپال جي ٽيم هڪ ميچ کيڏي آهي جنهن ۾ ان کي شڪست ٿي هئي، ٽورنامنٽ جو فائنل ميچ 29 جون تي بار باڊوس ۾ کيڏيو ويندو .