پريس -10 جون (اي پي پي ) هسپانوي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار ڪارلس الڪاراز پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب سخت مقابلي کان پوءِ فرنچ اوپن ٽين ٽورنامنٽ کٽي ورتي .21 سالن جي اسپين ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز مڙدن جي سنگل مقابلن جي فائنل ميچ ۾ جرمن مخالف ٽينس رانديگر اليگزينڊر زويروف کي هارائي نه رڳو ميگا ايونٽ کٽي بلڪي ڪيرئير جو ٽيون گرينڊ سلام ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيوڪارلوس الڪاراز جو فرانس ۾ اهو پهريون ميگا ٽائٽل آهي ، هن پهريون ڀيرو فرنچ اوپن ٽينس کٽي آهي سال جي ٻئين گرينڊ سلام فرنچ اوپن ٽينس ٽورامنٽ جي جاري دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو فرانس جي گادي وار هنڌ پيرس ۾ آخري مرحلن ۾ آهي . ميگا ايونٽ ۾ ٽينس جي مڌاهن کي سخت دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا آهن. مينز سنگلز مقابلن ي فائنل ميچ ۾ اسپين جي ڪارلوس الڪاراز ۽ مخالف جرمن ٽينس اسٽار اليگزينڊر زويروف آمهون سامهون هيا جنهن ۾ هسپانوي ٽينس اسٽار سخت مقابلي کانپوءِ جرمن مخالف رانديگر کي هارائي پهريون ڀيرو فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو .