برن-10 جون(اي پي پي) بيلجيم جي سائيڪل سوار يويس ليمپارٽ ٽورڊي سوئيس سائيڪل ريس جو پهريون مرحلو کٽي ورتو آهي. سوئٽزرلينڊ جو سائيڪل سوار اسٽيفن بيسيگر ٻئي ۽ انگلينڊ جو سائيڪل سوار ايٿن هائيٽر ٽئين نمبر تي رهيو. ٽور ڊي سوئيس سائيڪلنگ ريس جا دلچسپ مقابلا سوئٽزرلينڊ ۾ جاري آهن. ريس جو پهريون مرحلو وڊوز کان وڊوز تائين 4.8 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٻڌل هو جنهن کي 33 سالن جي بيلجيم جي سائيڪل سوار يويس ليمپارٽ عمده سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي پهريون پوزيشن حاصل ڪئي. ريس جي سوئٽزرلينڊ جو سائيڪل سوار اسٽيفن بيسيگر ٻئي ۽ انگلينڊ جو سائيڪل سوار ايٿن هائيٽر ٽئين نمبر تي رهيو. ٽورڊي سوئيس سائيڪل ريس 8 مرحلن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سائيڪل سوار 948.7 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪندا. ٽورڊي سوئيس سائيڪل ريس ۾ سوئٽزرلينڊ جي قومي ٽيم کانسواءِ 23 ٽيمون ٽائيٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن.