نيويارڪ – 7 جون (اي پي پي ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ ) وڌيڪ چئين ميچن جو فيصلو ٿيندو . پهرين ميچ گروپ سي جي ٽيمن نيوزي لينڊ ۽ افغانستان وچ ۾ پروويڊنس اسٽيديم ، گيانا ۾ کيڏي ويندي . ٻي ميچ ۾ گروپ ڊي جون ٽيمون سريلنڪا ۽ بنگلاديش آمهون سامهون ٿينديون ورلڊ ڪپ جو پندرهين ميچ گرينڊ پريري اسٽيڊيم ، ڊلاس ۾ کيڏي ويندي ٽي ميچ گروپ ڊي جي يمن نيدر لينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ناساڪانٽي انٽرنيشنل ڪرڪٽ اسٽيڊيم ، نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي . ٽورنامنٽ جو اڄ چوٿين ۽ آخري ميچ گروپ بي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڪينسنگٽن اوول ، برج ٽان ، بار باڊوس ۾ کيڏي ويندي انگلينڊ جي ٽيم دفاعي چيمپئين آهي ٽورنامنٽ جي فائنل ميچ 29 جون تي بار با ڊوس ۾ کيڏي ويندي .