فرنچ اوپن ٽينس وومينز سنگلز ، ٽاپ سيڊڊ آئيگا نتاليه سويٽيڪ ۽ جيسمين پاليني فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي
پيرس _ 7 جون (اي پي پي ) پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ، عالمي نمبر ون ، دفاعي چيمپئن ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ آئيگا نتاليه سويٽيڪ ۽ اٽلي جي ٽينس رانديگر جيسمين پاليني فرنچ اوپن ٽينس عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي ويون جڏهن ته آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ ڪوڪوگف ۽ روسي ٽينس اسٽار ميرا اينڊريواسيمي فائنل رائونڊ ۾ هارائجي ويون . سال جو ٻيو گرينڊ سلام فرنچ اوپن دلچسپ مقابلن جو سلسلو فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ جاري آهي . جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن .