مدينه منوره- 5 جون (اي پي پي)مدينه منوره جي صحت کاتي گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا حج پانڌيئڙن لاءِ ڊائيلاسز ڪلينڪ قائم ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ڊائيلاسز ڪلينڪ ڪنگ فهد اسپتال ۾ قائم ڪئي وئي آهي جتي روزاني 22 حج پانڌيئڙن کي طبي خدمتون فراهم ڪيون پيون، صحت کاتي موجب هن وقت تائين ڪلينڪ ۾ 106 حج پانڌيئڙا فائدو حاصل ڪري چڪا آهن،صحت کاتي موجب گڙدن جا مريض حج پانڌيئڙا ڊائيلاسز جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ حج مشن ذريعي ذريعي رابطو ڪري سگهن ٿا.