ليڊز -21 مئي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ چار ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ( اڄ ) هيڊگلي ليڊز ۾ کيڏي ويندي پاڪستان جي ٽيم اڄڪله انگلينڊ ۾ موجود آهي جتي هو ميزبان برطانوي ٽيم خلاف چار ٽي ٽونٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي . پاڪستاني ٽيم مهور بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت هيٺ ميدان م ايندي اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان ، صائم ايوب ، افتخار احمد ، عرفان خان ، آغا سلمان ، عمادوسيم ، شاداب خان ، اعظم خان ، محمد رضوان ، عثمان خان ، ابرار احمد، حارث روئوف ، حسن علي ، عباس آفريدي ، محمد عامر ، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي شامل آهن .