لندن _ 2 مئي (اي پي پي ) آرسنل جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي بدولت انگلش پريميئر ليگ جي پوائنٽس تي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي . دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي ٻين جڏهن ته ليور پول جي ٽيم ٽين نمبر تي آهي ، آرسنل جي ٽيم جا سڀ کان وڌيڪ 80پوائنٽس آهن . دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي جي ٽيم 79 جڏهن ته لير پول جي ٽيمن جا 75 پوائنٽس آهن . انگليش پريمئر ليگ جي 32 هين سيزن جا انتهائي دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن .